برطانيا جي وزيراعظم پاران به لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان

لنڊن: برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ لڳايل لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جو شروعاتي اعلان ڪري ڇڏيو. بورس جانسن چيو آهي ته جيڪي ماڻهو گهرن ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن، اهي پنهنجي ڪم وارن هنڌن تي وڃي سگهن ٿا.برطانيا ۾ اربع کان ماڻهو گهرن مان نڪري سگهندا پر کين سماجي وٿيءَ کي يقيني بڻائڻو پوندو.واضح رهي ته برطانوي حڪومت پهرين جون کان اسڪول ۽ دڪان کولڻ تي به غور ڪري رهي آهي پر ان کان اڳ صورتحال جو هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔