پنجاب جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي، ننڍا ڪاروبارکلي ويا

لاهور: پنجاب جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ ننڍا ڪاروباري مرڪز کلي ويا آهن، شهرين جي وڏي تعداد مارڪيٽن جو رخ ڪيو آهي، ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري ڪورونا پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. لاهور، فيصل آباد، ملتان، راجنپور، بهاولنگر، ننڪانه صاحب ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز کلي ويا آهن، معمول واري زندگي بحال ٿيڻ لڳي آهي. ماڻهن عيد خريداري لاءِ دڪانن جو رخ ڪيو آهي، جنهن سبب مارڪيٽن ۾ رش نظر اچڻ لڳي آهي، جنهن سبب ايس او پيز تي عملدرآمد ٿيندي نظر نه پيو اچي. صوبائي حڪومت طرفان لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ ڪپڙن، جوتن ۽ ٻين شين جا دڪان کلي ويا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ به روڊن تي نظر اچڻ لڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔