صحت کاتي سنڌ ۾ مقرريون ۽ بدليون

: سنڌ صحت کاتي موجب بدين اسپتال ۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽر اميد علي خواجا کي ڪراچي اورنگي ٽائون جي قطر اسپتال ۾ چيف پيڊيا ٽريشن طور مقرر ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته ڊاڪٽر فضل الرحمان کي ٺٽي مان بدلي ڪري ڪراچي جي سول اسپتال ۾ چيف پيڊياٽريشن مقرر ڪيو ويو آهي . نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر شاهين قريشي کي حيدرآباد جي ڀٽائي اسپتال ۾ چيف پيڊياٽريشن مقرر ڪيو ويو آهي . جڏهن ته ڊاڪٽر ڪنيا لعل کي شڪارپور مان بدلي ڪري خيرپور ۾ چيف پيڊياٽريشن ۽ جيڪب مان محمد شعبان سومرو کي بدلي ڪري غلام محمد مهر ڪاليج ۾ چيف پيڊياٽريشن مقرر ڪيو ويو آهي. صحت کاتي موجب ڪورنگي پنج نمبر اسپتال جي ڊاڪٽر اوم پرڪاش کي ساڳي اسپتال ۾ چيف پيڊياٽريشن مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر اعجاز احمد خانزاده ۽ ڊاڪٽر شبنم کي سول اسپتال ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي . نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر رضوانا ميمڻ کي گورنمينٽ اسپتال نيو ڪراچي ۽ ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ کي لياري اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو آهي . ڊاڪٽر الطاف شيخ ۽ ڊاڪٽر سنجئه ڪمار کي قطر اسپتال اورنگي ٽائون ۾ مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊاڪٽر فيض منگي کي سول اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔