صوبن وٽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ناهي:شاهه محمود قريشي


اسلام آباد : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته صوبن وٽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ناهي، وفاق جي پاليسي تي سنڌ فالو نه ڪيو ۽ عوام کي ڪورونا ذريعي ڊيڄاريو ويو، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻن جماعتن جي حڪومت رهي، 18ترميم بعد 12سالن کان سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، 18هين ترميم بعد صحت جو شعبو صوبن حوالي آهي پر صوبن صحت جي شعبي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي، اهو به تاثر ڏنو ويو ته وفاق ڪجهه ناهي ڪيو، دنيا ۾ ڪورونا صورتحال ڳنڀير آهي پر الله جو اسان تي ڪرم آهي جو صحت جو نظام ناڪام ناهي ٿيو، پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ وڌيڪ ردعمل ظاهر ڪيو آهي، هڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويو، 18هين ترميم کانپوءِ صحت جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي، گذريل 12 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ آهي ۽ 10 پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت رهي آهي، اسان وٽ ڪورونا جي موت جي شرح 2 ڏهائي 17 سيڪڙو آهي. جيڪي اسان کي خدشا آهن،جيڪڏهن اهي ٿيا ته سسٽم تباهه ٿي ويندو. دنيا ڪورونا جي خاتمي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ڪورونا وائرس هڪ چئلينج آهي، جنهن کي چئلينج سمجهي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڪورونا جي ويڪسين ٺهڻ ۾ 2 سال لڳي سگهن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔