سوچي سمجهي لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو فيصلو ڪيو:وزيراعظم


اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي عوامي مسئلا ۽ ٻين ملڪن جي صورتحال ڏسي لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جو فيصلو ڪيو ويو.وزيراعظم جي صدارت هيٺ سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي تي عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، شبلي فراز، خسرو بختيار، صلاحڪارن عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خاص مددگار معيد يوسف سميت ٻين به شرڪت ڪئي.ذريعن موجب اجلاس دوران وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ لاڪ ڊائون بابت فيصلن تي عمل جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪورونا وائرس جي پکيڙ تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته معيد يوسف ٻاهرين ملڪن مان پاڪستانين جي واپسي تي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته معاشي صورتحال، عوامي مسئلن ۽ ٻين ملڪن جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي، لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جو مقصد معاشي سرگرمين ۽ حفاظتي قدمن ۾ توازن برقرار رکڻ آهي.هن چيو ته عالمي سطح تي خيال ڪيو پيو وڃي ته لاڪ ڊائون ڪورونا خلاف وقتي عمل آهي، ڪورونا کان بچاءَ لاءِ حفاظتي قدمن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪورونا ٽيسٽ جي حوالي سان خدشا ختم ڪيا وڃن، عوام کي ڏس ڏنو وڃي ته اهي علامتن جي صورت ۾ پاڻ ٽيسٽ ڪرائين، جڏهن ته گهرن ۾ قرنطينه اختيار ڪرڻ جي حوالي سان به ماڻهن کي ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔