سنڌ سان زيادتي جو ماتم نه ڪيو وڃي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تيار ٿي وڃو، اسان سنڌ ۾ اچي رهيا آهيون، سنڌ سان زيادتي جو ماتم نه ڪيو وڃي، سنڌ اسان جي به آهي، سنڌ ۾ ڪٿي به لاڪ ڊائون نظر نه آيو آهي، سينيٽ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي ۾ لاڪ ڊائون ڪو نه آهي، پيپلز پارٽي وارا سنڌ جا ٺيڪيدار نه بڻجن، 18 هين ترميم کي دفن ڪرڻ پي ٽي آءِ جي سياست نه آهي، بجلي ۽ گيس جا بل معاف ڪرڻ جو صوبن وٽ اختيار نه آهي، سنڌ جي گورنر رڳو آرڊيننس جي حوالي سان اعتراض ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، سنڌ ڪارڊ نه کيڏيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔