پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگیون 706 ٿي ويون

اسلام آباد: پاڪستان ۾ هينئر تائين اسلام آباد مان 37 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو گڏيل انگ 706 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ گڏيل مريضن جو انگ 32081 تائين وڃي پهتو آهي.هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونواهه ۾ سامهون آيون آهن جتي ڪورونا وگهي 267 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ  200 ۽ پنجاب ۾ 211 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 27، اسلام آباد 6، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ موذي وائرس سبب هڪ شخص فوت ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔