ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رھیو: موسميات کاتو

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. موسميات کاتي موجب  اتر، اوڀر بلوچستان، خيبرپخوتنخواهه، ڏکڻ پنجاب ۽ ڪشمير ۾ کنوڻ ۽ طوفان سان گڏ برسات جو امڪان آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۽ بلوچستان ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. جڏهن ته مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشميرجي ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان گڏ برسات پئي.سومر تي خيبرپختونخواهه جي علائقي تخت بهائي ۾ 26 ملي ميٽر پارا چنار ۾ 14 ملي ميٽر، مالم جبه ۾ 09 ملي ميٽر، مير کهائي، ڪاڪول ۽ بالا ڪوٽ ۾ 04 ملي ميٽر، سيدو شريف ۾ هڪ ملي ميٽر جڏهن ته ڪشمير جي ضلعن مظفر آباد ۾ 09 ملي ميٽر، راولا ڪوٽ ۾ 09 ملي ميٽر، ڳڙهي دوپٽه ۾ 02 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔