آرمي چيف جو ايراني فوج جي سربراهه سان ٽيليفون تي رابطو

راولپنڊي:آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايران جي هٿياربند فوج جي سربراهه ميجر جنرل باقري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. جنهن ۾ سرحدي سيڪيورٽي ۽ ڪورونا جي صورتحال تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ڪمانڊرن سرحد جي چوطرف سيڪيورٽي  قدم وڌيڪ سخت ڪرڻ جي عزمن جو به ارادو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته پاڪستان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو آهي. بارڊر سيڪيورٽي ۽ اسمگلنگ  کي روڪڻ جي لاءِ ٻطرفه تعاون جي ضرورت آهي.آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ٻنهي ڪمانڊرن ڪورونا جي صورتحال ۽ اهڙن معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بارڊر ٽرمينلز ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت تي به ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي. آرمي چيف گڏيل احترام، عدم مداخلت ۽ برابري جي بنياد تي  علاقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي خواهشن جو به ارادو ڪيو.واضح رهي ته تازو ئي پاڪ ايران سرحد جي ويجهو پاڪستان سيڪيورٽي فورس تي دهشتگرد حملي ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔