محبت جي خواهش هئي، پر اڪيلائي نصيب ٿي: تبو

ممبئي؛ هندستاني فلمن جي اڳوڻي خوبصورت اداڪاره تبو سالن جون دل ۾ دٻايل ڳالهيون نيٺ زبان تي آڻي ڇڏيون، هڪ انٽرويو ۾ تبو جو چوڻ هو ته محبت جي ته خواهش هئي پر اڪيلاني نصيب ٿي، 52 سالن جي ٿي چڪي آهي  پر اڃا تائين شادي ناهي ٿي سگهي

زندگي ۾ وڏا لاها چاڙها آيا پر آئون انهن کي دليريءَ سان منهن ڏنو، تبو وڌيڪ چيو ته بالي وود ۾ ڪافي اداڪارن سان دوستيون هليون پر اهي ٽائيم پاس ئي رهيون، هر ڪنهن کي پنهنجا مفاد هئا دوستي وارا تعلقات گهڻي عرصي تائين هلي نه سگهيا

ان جي ڪري شادي کان رهجي ويس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻي به شڪر آهي بهتر زندگي گذري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔