ايف آءِ اي جو اڳوڻو ڊي جي بشير ميمڻ نواز ليگ سنڌ جو صدر مقرر

مسلم ليگ نون شاهه محمد شاهه کي هٽائي بشير ميمڻ کي نون ليگ سنڌ جو صدر مقرر ڪري  ڇڏيو، شاهه محمد شاهه نون ليگ سنڌ جو نائب صدر مقرر ٿي ويو

 نون ليگ طرفان مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ايف آءِ اي جي اڳوڻو ڊي جي بشير ميمڻ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ نون ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي

بشير ميمڻ کي نوازشريف جي وطن واپسيءَ تي آجيان ڪندڙ ڪميٽي جو ڪنوينر به مقرر ڪيو ويو هو

ٻئي پاسي خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جو وفد نواز شريف سان ملاقات لاءِ نون ليگ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ پهچي ويو

نون ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ ٻين پاران ايم ڪيو ايم جي وفد جي آجيان، نوازشريف سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال به شامل هئا

نواز شريف سان ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات دوران عام چونڊن، سنڌ ۾ چونڊ اتحاد ٺاهڻ ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيڻ جا امڪان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔