لاهور : پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪاره ۽ ڪاروباري شخصيت ڪومل عزيز خان جي والدين جي مالي ڪفالت بابت بيان سوشل ميڊيا تي نئين بحث کي ڇيڙي ڇڏيو آهي.سندس چوڻ آهي ته ڪفالت ڪرڻ عورتن جي ناهي پر مرد جي ذميواري آهي. ڪومل عزيز خان مختلف ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، هن “عشقِ بي نام”، “رازِ الفت”، “بساطِ دل” ۽ “ڪاسهءِ دل” سميت ڪيترن ئي مقبول ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيا، جڏهن ته هوءَ گذريل ڪجهه وقت کان اداڪاري کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ڪپڙن (ملبوسات) جو ڪاروبار ڪري رهي آهي. ڪومل عزيز خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي اڪثر سوالن ۽ جوابن جي سيشنز جو انعقاد ڪندي آهي، تازو ئي هڪ مداح کانئس سوال ڪيو ته: “ڇا هوءَ پنهنجي والده جي مالي مدد ڪندي آهي؟”ان سوال جي جواب ۾ هن لکيو ته: “نه، منهنجو مڃڻ آهي ته گهر جا خرچ برداشت ڪرڻ عورتن جي ناهي پر مردن جي ذميواري آهي.” اداڪاره جي مذڪوره بيان سوشل ميڊيا تي نئين بحث کي جنم ڏنو، تنهن هوندي به اداڪاره بعد ۾ وڌيڪ لکيو ته: “مان پنهنجي والد جي شڪرگذار آهيان ته هن پنهنجي وفات کان اڳ منهنجي امڙ لاءِ ايترا وسيلا ڇڏيا جو کين ڪڏهن به پنهنجي اولاد تي مالي طور ڀاڙڻو (انحصار ڪرڻو) نه پوندو، ان ڪري ئي بچت ۽ سيڙپڪاري (سرمائيڪاري) بي حد اهم هوندي آهي.” سندس ان جواب کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف سوال ۽ تبصرا سامهون آيا آهن. ياد رهي ته تازو ئي ڪومل عزيز ان وقت به سوشل ميڊيا جي توجھ جو مرڪز بڻي هئي جڏهن هن انڪشاف ڪيو هو ته هوءَ گذريل ڏيڍ سال کان پنهنجي خاندان جي مڪمل حمايت سان گڏ الڳ ۽ خودمختيار زندگي گذاري رهي آهي.
تبصرے بند ہیں۔