ڊيرا اسماعيل خان ۾ آئل گيس ڪمپني تي دهشتگردن جو حملو، 2 پوليس اهلڪار شهيد

ڊيرا اسماعيل خان: ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي دره زنده ۾ آئل گيس ڪمپني تي دهشتگردن حملو ڪري ڇڏيو آهي.

ڊي ايس پي موجب حملي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڊيوٽي تي مقرر 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي هڪ اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڊي ايس پي ٻڌايو ته حفاظت جي لاءِ ڪمپني ڪيمپ تي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي هئي. واقعي کان پوءِ واقعي واري هنڌ وڌيڪ پوليس جي نفري پهچي وئي آهي، جوابدارن جي ڳولا لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري آهي.

شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ عارف ۽ رحمت علي شامل آهن جڏهن ته زخمي اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ عالم شير، فضل شاهه ۽ عطاءُالرحمان شامل جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔