ورلڊ ڪپ: بنگلاديش سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

دهلي: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 38 هين ميچ ۾ بنگلاديش سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دهلي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي سريلنڪن ٽيم پهريان کيڏندي 49.3 اوورن ۾ 279 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
چارٿ اسالانڪا 108 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، پاٿم نسانڪا ۽ سديرا سماراوڪراما 41_41 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
بنگلاديش طرفان تنظيم حسن 3، شورفل الاسلام 2 ۽ شڪيب الحسن 2_2، مهدي حسن هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ بنگلاديش گهربل هدف 41.1 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
نجم الحسين شانتو 90 ۽ ڪپتان شڪيب الحسن 80 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔