رپئي جي بي قدري جو سلسلو جاري، ڊالر وڌيڪ مهانگو

ڪراچي: ملڪ ۾ رپئي جو اگهه گهٽجڻ ۽ ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو جاري آهي.
آگسٽ مهيني جي آخري ڏينهن به انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه وڌيو ۽ هڪ آمريڪي ڊالر هڪ رپيو 9 پئسا واڌ کانپوءِ 305 رپين 54 پئسن تي ٿي ويو.
انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 304 رپين 45 پئسن تي بند ٿيو هو.
ياد رهي ته آگسٽ ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 18 رپيا 90 پئسا مهانگو ٿيو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿي 323 رپين جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔