نگران وزيراعظم بجلي بلن ۾ رليف بابت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بجلي بلن جي مسئلي کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي، مايوسي پکيڙڻ درست ناهي، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ رليف جو اعلان ڪنداسين.
سينئر صحافين سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته سڀني ادارن کي مفت بجلي جي استعمال بابت پڇاڻو ڪيو ويو، بجلي جا بل ڏيڻا پوندا، آءِ ايم ايف معاهدي تي عمل ڪنداسين، آءِ پي پيز، لائن لاسز ۽ چوري سبب بجلي مهانگي آهي، حڪومت پنهنجو گهڻو وقت بجلي جي اگهن جي معاملي تي لڳايو آهي.
هن چيو ته بجلي بلن جو معاملو آءِ ايم ايف سان گڏجي ڏسي رهيا آهيون، فوج ۾ مفت بجلي استعمال نه پئي ٿئي، دفاعي بجيٽ مان ڏئي رهيا آهيون، مهانگائي ضرور آهي پر ايتري ناهي جو ڦيٿا روڪ هڙتال هجي، اسان آءِ ٽي، ميڊيڪل، سياحت ۽ دفاعي پيداوار تي ڪم ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪو بحران ناهي، ڏکيائيون آهن، گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو سنجيده آهي، چونڊن جي تاريخ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪنداسين، چونڊون وقت تي ٿينديون، چونڊون ڪرائڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي،
نگران وزيراعظم چيو ته مايوسي پکيڙڻ درست ناهي، ملڪ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙن سان سختي سان نبرنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔