پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان، پيٽرول 14 روپيه 91 پيسا مهانگو

ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان، قيمتون ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ زبردست اضافو ڪيو ويو آهي

پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 91 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي

ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 305 رپيا 36 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 311 رپيا 84 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

پيٽروليم شين جا نوان اگهه فوري طور تي لاڳو ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔