جناح هائوس تي حملي ڪيس ۾ گرفتار خديجه شاهه سڃاڻپ پريڊ جي لاءِ پوليس حوالي

جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار خديجه شاهه کي سڃاڻپ پريڊ جي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار خديجه شاهه کي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سڃاڻپ پريڊ جي لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار سلمان شاهه جي ڌيءَ خديجه شاهه کي قيدين واري وين ۾ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ انتظار کانپوءِ عدالت جي روبرو پيش ڪيو ويو

عدالت جي جج عبهر گل پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، خديجه شاهه کي چهرو لُڪائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

پوليس خديجه شاهه کي سڃاڻپ پريڊ جي لاءِ جيل موڪلڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کي منظور ڪندي عدالت خديجه کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ سڃاڻپ پريڊ مڪمل ڪري خديجه کي ٻيهر 30 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

خديجه شاهه جو چوڻ آهي ته ڏاڍي گرمي آهي، منهنجي طبيعت خراب ٿي رهي آهي، هن جو چوڻ هو ته ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، مون کي دم جي بيماري آهي

پوليس اهلڪارن جو چوڻ هو ته گاڏي کي ڇانو تي ڪيون ٿيا، خديجه کي پوليس وين ۾ پاڻي پهچايو ويو، وين ۾ خديجه شاهه سان گڏ ٻيون عورتون به شامل هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔