حڪومت مهانگائي ماريل عوام مٿان بجلي ڪيرائي ڇڏي

مهانگائي جي ماريل عوام مٿان بجلي ڪيرائي وئي آهي، حڪومت بجلي قيمت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي

نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

بجلي جي قيمتن ۾  ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، نيپرا پاران چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جنوري کان مارچ تائين جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ وصول ڪئي ويندي

نيپرا موجب قيمتن ۾ واڌ هلندڙ سال جون کان سيپٽمبر تائين لاڳو هوندي، بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي صورت ۾ عوام تي 46 ارب رپين جو اضافي بار پوندو

 جڏهن ته نيپرا پاران بجلي جي قيمتن بابت تفصيلي فيصلو  بعد ۾ جاري ڪيو ويندو

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔