ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور مان فوجي يونيفارم کڻي ويندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

لاهور: 9 مئي جي ڏينهن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ شرپسندي ۽ پاڪ فوج جي وردي جي بي حرمتي ڪندڙ تحريڪ انصاف جي ڪارڪن جان محمد ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو.

واقعي کان پوءِ وڊيو ۾ جان محمد چيو هو ته مان ريڊ لائن ڪراس ڪئي آهي ڏسو هي وردي مان ان جي گهر مان کڻي آيو آهيان پر هاڻ ڪور ڪمانڊر جي  وردي پائي غنڊه گردي ڪندڙ پي ٽي آءِ جي ڪارڪن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو.

ضلعي مهمند سان تعلق رکندڙ جوابدار پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان زمان پارڪ  ۾ لڳايل مختلف علائقن جي ڪيمپس ۾ مهمند باجوڙ ڪيمپ جو حصو هئس. اسان جو ڪم عمران خان کي گرفتاري کان بچائڻ هو. عمران خان زمان پارڪ ۾ لڳايل مختلف علائقن جي ڪيمپن ۾ موجود ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪئي.  جنهن ۾ منصوبه بندي ڪئي وئي ته جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو وڃي ته اوهان کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي.

جان محمد دعويٰ ڪئي ته جڏهن عمران خان گرفتار ٿيو ته شيخ امتياز سمورن ڪارڪنن کي ڪينٽ طرف مارچ ڪرڻ جو چيو. پي ٽي آءِ اڳواڻن خاص طور تي اعجاز چوڌري، ياسمين راشد، ميان محمودالرشيد، ميان اسلم اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا. ياسمين راشد ۽ اعجاز چوڌري اسان کي ڪور ڪمانڊر هائوس طرف وڃڻ جو چيو. ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه دوران مون کي يونيفارم ملي اها پائي مون وڊيو ٺاهي.

جان محمد وڌيڪ چيو ته مون ڪور ڪمانڊر جي شرٽ پاتي، جڏهن ته حسان نيازي پينٽ پاتي، مون بعد ۾ يونيفارم جي شرٽ کي باهه ڏئي ساڙيو ڇڏيو ان کان پوءِ ساڳئي گروپ پي ايس او پيٽرول پمپ ۽ آرمي اسٽور ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه کان علاوه ڦر پڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔