پي ٽي آءِ اڳواڻ جليل شرقپوري پارٽي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جليل شرقپوري به پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا. هن پارٽي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ جليل شرقپوري چيو ته مان پاڪ فوج سان گڏ آهيان. پي ٽي آءِ جي پاليسين سبب ان جو حصو نٿو رهي سگهان. پي ٽي آءِ جي پنهنجي نالائقي هئي جو هو دوستن کي مطمئن نه ڪري سگهي. 9 مئي جي واقعي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. 9 مئي واقعي جو مڪمل ذميوار عمران خان آهي.

اڳوڻي ايم پي اي چيو ته عمران خان پاڪستان جي نوجوان نسل کي ڀڙڪايو. مان ڪنهن به سيٽ جو اميدوار نه آهيان. منهنجي تڪ جو ٽڪيٽ ڏيڻ دوران مون سان مشورو به نه ڪيو ويو عمران خان سان گڏ هاڻ وڌيڪ نٿو هلي سگهان.

جليل شرقپوري چيو ته مون جڏهن به ڪو بيان ڏنو آهي ته اهو قومي مفاد ۾ ڏنو آهي. عمران خان سان جيڪا محبت هئي اها سندس مثبت نعرن جي ڪري هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔