شيرين مزاري پاران پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان

پي ٽي آءِ کي وڏو ڌچڪو، اڳوڻِي وفاقي وزير شيرين مزاري پاران پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

  شيرين مزاري پاران پريس ڪانفرنس ذريعي باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي، 9 مئي جي واقعن کانپوءِ شيرين مزاري کي هر هر گرفتار ڪيو ويو هو شيرين مزاري مختصر پريس ڪانفرنس ڪئي

پريس ڪانفرنس دوران شيرين مزاري جو چوڻ هو ته 9 ۽ 10 مئي جي پرتشدد واقعن جي مذمت ڪيان ٿي،  اڄ کان ڪنهن به پارٽي ۽ سياست سان مهنجو واسطو ناهي

 پنجاب جي اڳوڻي ايم پي اي عبدالرزاق خان پاران پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، خانيوال سان واسطو رکندڙ عبدالرزاق خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ عمران خان کي واپس ڪريان ٿو

هن چيو ته فوج سان گڏ آهيان ۽ پي ٽي آءِ جي رُڪنيت تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، پي ٽي آءِ اڳواڻ جليل شرقپوري به پارٽي کي الوداع ڪري ڇڏيو، جليل شرقپوري چيو آهي ته فوج مخالف پاليسين جي ڪري پي ٽي آءِ جو وڌيڪ حصو نٿو بڻجي سگهان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔