هنگو ۾ دهشتگردن جو گيس پلانٽ تي حملو، 4 ايف سي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد

ڪوهاٽ:هنگو ۾ مول ڪمپني پلانٽ تي دهشتگردن جي حملي سبب فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا چار اهلڪار ۽ 2 نجي سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا.

رپورٽ موجب ڊي ايس پي ٺل عرفان ٻڌايو ته تعلقي ٺل جي علائقي منجي خيل ۾ مول گيس ڪمپني پلانٽ تي صبح 3 کان 4 وڳي وقت دهشتگردن حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا جن ۾ 4 ايف سي ۽ 2 اهلڪار نجي سيڪيورٽي ڪمپني جا آهن.

ڊي ايس پي عرفان ٻڌايو ته 6 شهيد اهلڪارن 2 ڪلاڪ کان وڌيڪ دهشتگردن سان دليري سان مقابلو ڪيو. پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور جي دستن علائقي ۾ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جتي پوسٽ مارٽم کان پوءِ سندن مڙهه اباڻي علائقن ڏانهن مڙهيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔