9 مئي وارن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪرڻ جو قرارداد منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ هڪ قرارداد مطالبو ڪيو ويو آهي ته 9 مئي وارن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف آرمي ايڪٽ 1956، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۽ فوجداري ظابطن تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف 9 مئي بابت قرارداد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، جنهن کي منظور ڪيو ويو.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي تي دل کي ڌوڏيندڙ شرم جوڳا واقعا پيش آيا، ملوث عنصرن خلاف موجودا قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ملوث عنصرن، سهولتڪارن، مددگارن خلاف آرمي ايڪٽ 1956، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۽ فوجداري ظابطن تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته نوَ مئي وارن واقعن سبب سموري دُنيا ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ٿي، ايوان هٿياربند فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.
ان کانسواءِ 9 مئي وارن واقعن تي قومي اسيمبلي ۾ مذمتي قرارداد پڻ پيش ڪيو ويو، جنهن کي منظور ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔