ٻيهر گرفتاري جو خدشو: عمران خان ڪارڪنن جي نالي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ٻيهر گرفتاري جي صورت ۾ ڪارڪنن کي هنگامو نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته ٻيهر گرفتار ٿيان ته ڪارڪن هنگامو نه ڪن، ڪارڪنن ائين ڪيو ته پي ڊي ايم کي بيانيو ملي ويندو ۽ ڪارڪنن جي هنگامي کي حڪومت ڪريڪ ڊائون لاءِ استعمال ڪندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت کان ڊنل حڪومت بدامني کي ڪريڪ ڊائون لاءِ استعمال ڪندي، سمورا سروي ٻڌائي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت کٽيندي، ڪاميابي جون اڳڪٿيون ڏسي حڪومت پي ٽي آءِ کي ڪرش ڪرڻ چاهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پتو پئجي ويو هو ته قمر جاويد باجوا منهنجي حڪومت ختم ڪرڻ وڃي رهيو هو، چاهيان ها ته باجوا کي آرمي چيف طور برطرف ڪري پئي سگهيس، باجوا کي انڪري نه هٽايو جو فوج جي معاملن ۾ مداخلت نه پيو ڪرڻ چاهيان، فوج اهو ادارو آهي، جنهن ۾ اوهان مداخلت نٿا ڪري سگهو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔