بلاول ڀٽو اڄ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽن ڏينهن جي دوري تي آزاد ڪشمير ۾ موجود آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو، والاريل ڪشمير  جي عوام سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ سڀاڻي جلسو به ٿيندو

 ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته والاريل ڪشمير تڪراري علائقو آهي، خطي ۾ جي 20  اجلاس  عالمي  قانون جي ڀڃڪڙي آهي، هڪ ڪانفرنس سان ڪشمير جو آواز دٻائي نه ٿو سگهجي

 هن وڌيڪ چيو ته ڀارت يو اين ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارتي قدمن سان سندس اصل چهرو وائکو ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔