لاهور هاءِ ڪورٽ شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي نظربندي خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس چوڌري عبدالعزيز ڪئي.

شيرين مزاري جا وڪيل بيرسٽر شعيب رزاق ۽ انيق کهتيانه عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري به عدالت ۾ پيش ٿي.

عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن شيرين مزاري ڪنهن ڪيس ۾ نامزد نه آهي ته ان کي ٻيهر گرفتار نه ڪيو وڃي ۽ شيرين مزاري ڊپٽي ڪمشنر وٽ حلفيه بيان جمع ڪرائي ته هو ٻيهر اهڙي ڪنهن به قسم جي سرگرمين ۾ شامل نه ٿيندي.

ميڊيا سان ڳالهين ۾ ايمان مزاري چيو ته منهنجي والده کي هڪ هفتي ۾ 3 ڀيرا گرفتار ڪيو ويو پر اڄ عدالت منهنجي والده جو ٻيون ايم پي او آرڊر ڪالعدم قرار ڏنو. حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته گهرن کي اهڙي طرح برباد نه ڪري.

ايمان مزاري چيو ته منهنجو پي ٽي آءِ سان ڪوبه تعلق ناهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته عمران خان ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي وساري ويٺو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔