سنڌ ۾ مڪاني نظام جي شروعات،10 هزار چونڊيل نمائندن جي قسم کڻائڻ واري تقريب

ڪراچي: سنڌ ۾ مڪاني ادارن جا 10 هزار چونڊيل نمائندا  پنهنجي عهدن جو حلف کڻي رهيا آهن، جن ۾ ڪراچي ڊويزن جا 1200 نمائندا به شامل آهن، پي ٽي آءِ  جو ڪو به چونڊيل نمائندو حلف کڻڻ لاءِ تقريب ۾ نه پهتو

 مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي 99 سيٽن سان گڏ پهرئين، جماعت اسلامي 86 سيٽن سان ٻئين ۽ پي ٽي آءِ 41 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي، ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو

پيپلز پارٽي  اڃا تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئر جو حتمي فيصلو نه ڪري سگهي آهي

 ذريعن موجب ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب، نجمي عالم  ۽  مسرور احسن جا نالا غور هيٺ آهن، پ پ کي ڪراچي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ 10 درخواستون موصول ٿي چڪيون آهن

 حيدرآباد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ  به 8 کان وڌيڪ درخواستون مليل آهن، حتمي اعلان ايندڙ هفتي متوقع آهي

حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنس ۾ حلف برداري تقريبون جاري آهن، جتي چونڊيل نمائندن کي قسم کڻايو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔