ڪراچي مان پي ٽي آءِ جا گرفتار 177 ڪارڪن اڻڄاتل هنڌ منتقل

ڪراچي: پي ٽي آءِ، ايف آءِ آر ۽ ايم پي ايم تحت گرفتار ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن جي ضمانت ۽ آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچي مان 190 ڪارڪنن ۽ 300 شهري گرفتار آهن ۽ انهن مان 177 ڪارڪنن کي ٻين شهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، 177 ڪارڪنن کي ايم پي او تحت گرفتاري ڪري ٻين شهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 300 کان وڌيڪ عام شهرين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن نه آهن پر اسان جي نظريي جا حامي آهن.
پي ٽي آءِ پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سئو کان وڏو انگ اهڙن ماڻهن جو به آهي جن جا ايم پي او اڃا تائين جاري ناهن ڪيا ويا، انهن ماڻهن کي اڻڄاتل هنڌن تي رکيو ويو جن بابت ڪائي معلومات نه پئي ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔