ڪو به آئين کان مٿانهون ناهي، دهشتگردن کي ڍال بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ ڍال بڻائڻ ناقابل برداشت آهي، ان جي اجازت نه ڏينداسين، آئين پاڪستان هر چيز تي مقدم آهي، پنهنجي ذات کي پاڪستان جي مفاد تي قربان ڪرڻو پيو ته ڪو به حرج ناهي

وزيراعظم شهباز شريف ٿر ۾ ڪوئلي مان 1650 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ ٻن منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير ۽ چين جو عملدار به وزيراعظم سان گڏ اسلام ڪوٽ پهتا

 وزيراعظم 330 ميگاواٽ جي ٿل نوان ٿر ۽ 1320 ميگاواٽ جي شنگهائي اليڪٽرڪ منصوبي جو افتتاح ڪيو، ٻنهي منصوبن جي افتتاح سان ٿر جي ڪوئلي مان بجليءَ جي پيداوار وڌي 33 سئو ميگاواٽ ٿي ويندي

 وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، اسان بجلي پيدا ڪندڙ ٻن منصوبن ۽ ڪوئلو ڪڍڻ واري هڪ منصوبي جو افتتاح ڪيو آهي، ٿر جو ڪوئلو هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو

هن جو چوڻ هو ته  ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا مخالف پاڪستان جي ترقيءَ جا مخالف آهن، ٻاهران ڪوئلو گهرائڻ سان پاڪستان کي اربين ڊالرز خرچ ڪرڻا پون ها، منصوبن سان هزارين لکين ماڻهن کي روزگار ملندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔