زلمي خليل زاد پي ٽي آءِ تي پابندي لڳڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳي سگهي ٿي.، آمريڪا جي اڳوڻي سفير زلمي خليل زاد جو وڏو بيان سامهون اچي ويو آهي.
اڳوڻي آمريڪي سفير زلمي خليل زاد سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايندڙ ڏينهن دوران پي ٽي آءِ تي پابندي لڳڻ واري آهي اهڙا اشارا ملي رهيا آهن ته پارليامينٽ سپريم ڪورٽ کان عمران خان کي نااهل قرار ڏيارڻ جو مطالبو ڪندي

قدم کنيا ته پاڪستان لاءِ عالمي تعاون گهٽ ٿي ويندو.
اڳوڻي آمريڪي سفير سياسي تشدد وڌڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستاني سياسي اڳواڻ قومي مفاد کي نقصان پهچائيندڙ سياست کان اڳيان جو سوچيندا. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته مون کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ اهڙي راند ۾ استعمال ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندي. زلمي خليل زاد وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي باري ۾ منهنجي ڳڻتي وڌندي پئي وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پرڏيهي آفيس زلمي خليل جي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت تي سخت رد عمل ڏنو هو. ترجمان چيو هو ته پاڪستان کي پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن کان به مشورو وٺڻ جي ضرورت ناهي، پرعزم قوم موجوده مشڪل صورتحال مان مضبوطي سان نڪرندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔