وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري 330 ميگاواٽ بجليءَ جي منصوبي ٿل نوان ٿر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي
وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير 13 سئو 20 ميگاواٽ جي شنگهائي اليڪٽرڪ منصوبي جو افتتاح به ڪندا
وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزيرن پاران پاور پلانٽ جي ڪنٽرول روم ۽ ٿر ڪول مائين جو به دورو ڪيو ويو آهي
وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري هيليڪاپٽر ذريعي اسلام ڪوٽ پهتا، وزيراعظم جي گاڏي وڏي وزير مراد علي شاهه ڊرائيو ڪئي، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي بجلي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي