عام واهپي وارين شين جون قيمتون وڌڻ کان پوءِ شهري محدود خريداري تي مجبور

ڪراچي: مهانگائي جا اثر رمضان جي اچڻ کان اڳ ئي سامهون اچڻ لڳا آهن. بازارن ۾ ويراني ڇانيل آهي شهري محدود مقدار ۾ عام واهپي جون شيون خريد ڪري رهيا آهن.
گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال رمضان دوران تاريخي مهانگائي کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪراچي جي بازار رمضان جي اچڻ کان اڳ گذريل آچر تي به ويران رهي. خريدار صرف عام واهپي جي شين جي خريداري ۾ مصروف نظر آيا. شهرين جو چوڻ آهي ته رڪارڊ مهانگائي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. رمضان ۾ دسترخوان سجائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. مهانگي پيٽرول ۽ بجلي جي ڳرن بلن مان ڪجهه بچندو ته رمضان جو اهتمام ڪنداسين

آهي. تيل 100 کان 150 روپيه ليٽر مهانگو ٿيو. چانهه جي پتي 600 روپيه ڪلو تائين مهانگي ٿي. کجي جي قيمت به ٻيڻي ٿي وئي. داليون، چانور ۽ مصالحن جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.
دوڪاندارن موجب رمضان جي لاءِ خريداري جو رجحان 50 سيڪڙو تائين گهٽ آهي. سرندي وارن طرفان مستحقين ۾ ورهائڻ لاءِ راشن جا ٿيلها به مهانگا ٿي ويا آهن. راشن جي ٿيلهن ۾ شامل شين جي مقدار ۽ انگ به گهٽ ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔