ثانيه مرزا پٽ سان گڏ عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب پهچي وئي

رياض: ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا مڙس شعيب ملڪ کان سواءِ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي وئي.
ثانيه مرزا انسٽاگرام تي والدين، ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي سان گڏ سعودي عرب کان ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ۽ ڪيپشن ۾ عمرو ادا ڪرڻ تي رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪيو.
تصويرن ۾ ثانيه مرزا کي گهر ڀاتين سان گڏ حرمين شريفين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ثانيه مرزا پنهنجي پٽ اذان ملڪ کي به پاڻ سان گڏ وٺي وئي.
ثانيه مرزا جي پوسٽ ۽ تصويرن تي سوشل ميڊيا صارفين طرفان جتي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو اتي ڪجهه صارفين شعيب ملڪ جي غير موجودگي تي پريشان ٿي ويا ۽ انهن ثانيه کان ڪيترائي سوال پڇي ورتا آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ ثانيه مرزا جي ٽينس کان رٽائرمينٽ کان پوءِ ڏنل الوداعي پارٽي ۾ به شعيب ملڪ شرڪت نه ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔