قومي هم اهنگي، وڏي وزير سان عالمن جي وفد جي ملاقات

ڪراچي: وڏي وزير سان قومي پيغامِ امن ڪميٽي جو ڪورآرڊينيٽر مولانا طاهر محمود اشرفي وفد سميت ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير محنت سعيد غني، صوبائي وزير مذهبي معاملن رياض شاهه شيرازي، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ۽ ٻيا اختيارين شريڪ ٿيا. وفد ۾ ڊائريڪٽر جنرل مذهبي تعليم ميجر جنرل (رٽائرڊ) ڊاڪٽر غلام قمر، سيڪريٽري قومي پيغامِ امن ڪميٽي عاشق حسين شيخ، صوبائي ۽ قومي پيغامِ امن ڪميٽي جا ميمبر وڏي انگ ۾ شامل هئا. علامه سيد اطهر حسين مشهدي، مفتي محمد جان نعيمي، پنڊت مهاراج گوسوامي گير اور، سردار رميش سنگھ ۽ ٻين شخصيتن جي خاص شرڪت ٿي.وڏي وزير سنڌ پاران مولانا طاهر اشرفي جي قيادت ۾ قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي وفد جي آجيان ڪئي وئي. ترجمان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته امن، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ قومي ٻڌي جي فروغ لاءِ قومي پيغامِ امن ڪميٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ صوفين، محبت، رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي ڌرتي آهي. امن، برداشت، قانون جي بالادستي ۽ گڏيل احترام ئي پائيدار ترقي ۽ قومي استحڪام جي ضمانت آهن. وڏي وزير سنڌ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هندو برادري، سِک برادري، عيسائي ۽ پارسي برادري سميت ٻيون برادريون پنهنجا ڏڻ آزاداڻي نموني ۽ پنهنجن عقيدن موجب ملهائينديون آهن. قومي پيغامِ امن ڪميٽي ۽ صوبائي پيغامِ امن ڪميٽي جو قيام قومي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي ڏس ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. سنڌ حڪومت قومي ۽ صوبائي پيغامِ امن ڪميٽي سان مڪمل سهڪار جاري رکندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي آئين موجب سمورن شهرين جي جان، مال، عزت، مذهبي آزادي ۽ برابر حقن جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. اسان محرم الحرام، عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم، چاليهي، ڪرسمس، ايسٽر، ديوالي، هولي ۽ ٻين مذهبي ڏڻن جي پرامن انعقاد کي يقيني بڻائيندا آهيون. هن چيو ته انتهاپسندي، فرقه وارييت ۽ نفرت پکيڙڻ جي خاتمي لاءِ عالمن، ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. عالم سڳورا ۽ مشائخ اسلام جي حقيقي پيغامِ امن، اعتدال، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي کي عام ڪن. سوشل ميڊيا تي نفرت جوڳي مواد ۽ غلط معلومات جو مقابلو مثبت قومي بيانيي ۽ ذميواراڻي طرزِ عمل سان ئي ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير سنڌ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوانن ۾ برداشت، آئيني قدرن، قومي ذميواري ۽ هاڪاري شهريت کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ضلعي انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، عالمن ۽ اقليتي اڳواڻن وچ ۾ اثرائتو رابطو ناگزير آهي. “پيغامِ پاڪستان” انتهاپسندي، فرقه وارييت ۽ تشدد خلاف قومي اتفاقِ راءِ جو هڪ اثرائتو دستاويز آهي. هن وڌيڪ چيو ته بين المذاهب مڪالمي ۽ اقليتي برادرين سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. تجويز ڪيل صوبائي عالمن، مشائخن ۽ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي. اسان آئين جي بالادستي، مذهبي آزادي، قومي ٻڌي، برداشت ۽ پائيدار امن تي ٻڌل پاڪستان جي تعمير لاءِ پرعزم آهيون.”قومي پيغامِ امن ڪميٽي جو مشن پاڪستان ۾ امن، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ قومي ٻڌي کي فروغ ڏيڻ آهي.” هن وڌيڪ چيو ته عالم سڳورا، مشائخ، اقليتي اڳواڻ، رياستي ادارا ۽ سول سوسائٽي گڏجي انتهاپسندي، فرقه وارييت ۽ نفرت جوڳي مواد جو اثرائتو مقابلو ڪن. سنڌ جون روايتون، مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي سڄي پاڪستان لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن. سنڌ حڪومت پاران امن، مذهبي هم آهنگي ۽ بين المذاهب مڪالمي جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششون قابلِ تحسين آهن. مولانا طاهر اشرفي مذهبي رواداري جي حوالي سان سنڌ جي موقف کي مثبت ۽ جاندار انداز ۾ پيش ڪرڻ تي وڏي وزير سنڌ جو ٿورو ادا ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔