ميڪسيڪو: فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ٻئي سيمي فائنل ۾ دفاعي چيمپين ارجنٽينا انگلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
اٽلانٽا ۾ کيڏيل ٻئي سيمي فائنل ۾ ارجنٽينا انگلينڊ کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. ميچ جي ٻئي هاف ۾ انگلينڊ ارجنٽينا جي خلاف گول ڪري هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل ڪئي، انگلينڊ طرفان گول 55هين منٽ ۾ گورڊن اسڪور ڪيو.
جنهن کان پوءِ ارجنٽينا به انگلينڊ جي خلاف گول ڪري اسڪور 1-1 کان برابر ڪري ڇڏيو. ارجنٽينا طرفان گول فرنانڊس 85هين منٽ ۾ اسڪور ڪيو. ميچ جي اختتامي مرحلي ۾ ارجنٽينا طرفان ٻيو گول مارٽينز اسڪور ڪيو ۽ ٽيم کي 1-2 جي برتري ڏياري ڇڏي جنهن کان پوءِ ارجنٽينا فائنل ۾ پهچي وئي.
انهي سان گڏ ئي ارجنٽينا انگلينڊ جو 60 سالن کان پوءِ فائنل ۾ پهچڻ جو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته فائنل ۾ ارجنٽيجا جو مقابلو اسپين سان آچر جي رات جو ٿيندو. انگلينڊ جي ٽيم ٽئين پوزيشن لاءِ ڇنڇر جي رات فرانس سان مقابلو ڪندي.
تبصرے بند ہیں۔