ملڪ ۾ صرف 15 ڏينهن جي ضرورت جو پيٽرول رهجي ويو، تيل ڪمپنين حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:   تيل ڪمپنين پيٽرول جي امڪاني کوٽ کان خبردار ڪندي حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

تيل ڪمپنين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ صرف 15 ڏينهن جي ضرورت جو پيٽرول رهجي ويو آهي. تيل ڪمپنين حڪومت کي مقامي سطح تي پيٽرول جي امڪاني کوٽ جي فوري خطري کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي مداخلت نه ڪئي وئي ته پيٽرول(موٽراسپرٽ/ايم ايس) جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي.

15 جولاءِ تي توانائي واري وزير(پيٽروليم ڊويزن) علي پرويز ملڪ جي نالي انتهائي فوري درجي جي خط ۾ آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪونسل(او سي اي سي) چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي فراهمي جي صورتحال ڪافي حد تائين سنگين ٿي چڪي آهي. ايڊوائزري ڪونسل چيو ته هن وقت صرف تقريبن 370 هزار ميٽرڪ ٽن موٽر اسپرٽ(ايم ايس) جو ذخيرو موجود آهي جيڪو ملڪ جي تقريبن 15 ڏينهن جي ضرورت جي برابر آهي.

ڪمپنين جو چوڻ آهي ته ويبوڪ ۾ دير سان درآمدي پيٽرول جي ڪليئرنس متاثر ٿي رهي آهي. 3 درآمدي پيٽرول ڪارگو وقت تي نه پهتا ته سپلاءِ کي جهٽڪو لڳي سگهي ٿو. 66.7 ارب جي عدم ادائيگي سان آئل ڪمپنين کي مالي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. صنعت موجب انتهائي گهٽ ذخيرا، درآمدي تيل جي ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ دير طلب ۾ اضافي ۽ شديد مالي دٻاءُ سپلائي ۾ رنڊڪ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

 

تبصرے بند ہیں۔