رمضان کان اڳ ئي مهانگائيءَ جو جن بي قابو، مجموعي شرح 42.27 سيڪڙو تائين پهچي وئي

اسلام آباد : رمضان کان اڳ مهانگائي اڃا وڌي وئي، 1.37 سيڪڙو واڌ سان مجموعي شرح 42.27 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

ڳڻپ کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 29 عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيون.

تازي هفتي ۾ کنڊ جي قيمت 5 رپيا 35 پئسا في ڪلو، ٽماٽو 5 رپيا 46 پئسا، پٽاٽو 5 رپيا 10 پئسا ۽ بصر 12 رپيا 32 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا.

ان کانسواءِ 20 ڪلو اٽو 69 رپيا 19 پئسا مهانگو ٿي 1774 رپين 70 پئسن تائين پهچي ويو، اڍائي ڪلو گيهه جو ڪاٽن 59 رپيا 80 پئسا مهانگو ٿيو، ڏهي 3 رپيا 44 پئسا، کير 2 رپيا 84 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيو، جڏهن ته ماش جي دال، چانورن، وڏي گوشت، چانهه جي پتي ۽ لوڻ جي اگهه ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 8 ضروري شيون سستيون ٿيون، ڪڪڙ جو گوشت 31 رپيا في ڪلو، ٿوم 8 رپيا 66 پئسا في ڪلو سستي ٿي، جڏهن ته بيضا، مڱن جي دال، مهري دال، چڻن جي دال به سستي ٿي.

تازي هفتي دوران 14 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔