نوازشريف(ن) ليگ جي اڳواڻن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

لاهور: پنجاب ۾ عام چونڊن جي معاملي تي(ن) ليگي قيادت متحرڪ ٿي وئي آهي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف پارٽي اڳواڻن سان وڊيو لنڪ تي پنجاب ۾ عام چونڊن جي معاملي تي مشاورت ڪئي. نوازشريف پارٽي اڳواڻن کي چونڊ مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
نواز شريف چيو ته عام چونڊون 30 اپريل تي ٿين يا آڪٽوبر ۾، اوهان تياري رکو، پنجاب اسيمبلي جون ٽڪيٽون وفادارن ۽ پنهنجن تڪن ۾ مضبوط اميدوار کي ڏنيون وڃن.
اڳوڻي ويراعظم چيو ته پارٽي اڳواڻ عمران خان جي دور جون سموريون بي قاعدگيون ۽ غلط فيصلا عوام جي سامهون رکن.
نوازشريف چيو ته اهو هاڻ ضروري ٿي ويو آهي ته قوم کي عمران خان جهڙي فتني کان ڇوٽڪارو ڏياريون، ملڪ ۾ افراتفي پيدا ڪندڙ عناصرن کي قوم جي آڏو ايڪسپوز ڪيو ويندو.
نوازشريف چيو ته مريم نواز عمران خان ۽ سندس سهولتڪارن کي بهتر جواب ڏئي رهي آهي، مريم نواز سان گڏ چونڊ مهم ۾ سمورا اڳواڻ شرڪت ۽ تعاون ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔