سون جي قيمت ۾ اڄ به وڏي لاٿ ٿي وئي

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ به وڏي لاٿ ٿي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون ٻه هزار رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 98 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1715 رپيا سستو ٿي هڪ لک 69 هزار 753 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 11 ڊالر وڌڻ سان 1880 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔