”پاڪستان سکڻيون ڌمڪيون ڏيندو آهي، ممڪن ئي ناهي ته ورلڊ ڪپ کيڏڻ ڀارت نه اچي

نئين دهلي:ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنر روي چندرن ايشون چيو آهي ته ڀارت ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان نه ويندو پر پاڪستان ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه اچي، اهو ممڪن ناهي.

پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ڳالهائيندي ايشون چيو ته ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ شيڊيول آهي پر اسان ان ۾ حصو نه وٺنداسين، جيڪڏهن اهي چاهين ٿا اسان حصو وٺون ته وينيو تبديل ڪرڻو پوندو.

سندس موجب اسان ڪيترائي ڀيرا ڏٺو آهي ته پاڪستان اسان طرفان دورو نه ڪرڻ تي پاڻ به نه اچڻ جو چوندو آهي پر ورلڊ ڪپ کيڏڻ پاڪستان ٽيم ڀارت ايندي، منهنجي خيال سان اهو ممڪن ناهي ته پاڪستان نه اچي.

ايشون وڌيڪ چيو ته ٿي سگهي ٿو ايشيا ڪپ سريلنڪا ۾ ٿئي، توڙي جو ڪيترائي ايونٽ دبئي ۾ ٿي چڪا آهن پر جيڪڏهن سريلنڪا ۾ ٿيو ته مون کي خوشي ٿيندي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول آهي، جڏهن ته ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ ٿيندو.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽيم ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان به ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڀارت نه آيو ته اسان ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم ڀارت نه موڪلينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔