مون کي مارائڻ لاءِ 2 ماڻهن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي: عمران خان جي دعويٰ

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ٻن ماڻهن کي پنهنجي قتل جو ٽاسڪ ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، ذريعن موجب عمران خان دعويٰ ڪئي ته مون کي قتل ڪرائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، مون کي مارائڻ لاءِ ڏکڻ وزيرستان جي ٻن ماڻهن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب عمران خان وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ ٻنهي پيشيور قاتلن کي رقم به ڏني وئي آهي، مون وٽ ان منصوبي جا سمورا ثبوت موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔