ترڪي ۽ شام ۾ تباهي واري زلزلي سبب فوتين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو

ترڪي ۽ شام ۾ تباهي واري زلزلي سبب فوتين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو آهي، ترڪي ۾ 12 هزار 391 ۽ شام ۾ 2 هزار 992 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن

 آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب سومر تي 7.8 جي شدت واري زلالي کانپوءِ هڪ ٻيو 7.6 شدت وارو زلزلو آيو جنهن ۾ وڌيڪ تباهي آندي

زلزلي جا لوڏا قبرص، يونان، شام، اردن، لبنان ۽ فلسطين ۾ به محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته تباهي کان پوءِ 300 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن

خدشو آهي ته اڃا به ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ دٻيل آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون ڏينهن رات جاري آهن، پر ڪجهه علائقن ۾ سخت سردي ۽ برفباري سبب متاثرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

جڏهن ته امدادي ڪاررواين ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ترڪي ۾ 8,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي عمارتن جي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي

ترڪي جي صحت واري وزير موجب زلزلي سبب 32 هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ متاثر علائقن ۾ 5 هزار 775 عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن، زلزلي ۾ مارجي ويلن ۾ 57 فلسطيني به شامل آهن

ته شام ۾ زخمين جو انگ 8 هزار کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي، شام ۾ ملبي هيٺان دٻيل عورت ٻارڙي کي جنم ڏيڻ کانپوءِ زندگي وڃائي ويٺي

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران ٻنهي ملڪن ۾ 40,000 فوت  ۽ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جن ۾ 1.4 ملين ٻار شامل آهن

پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي ۾ 3 لک 80 هزار زلزلي متاثرن کي پناهه گاهه ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ترڪي ۾ زلزلي سبب 13 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔