آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري

ڪراچي: لاڳيتي اُڏام کانپوءِ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر اڄ وڌيڪ 5 روپيا سستو ٿي ويو

انٽربينڪ ۾ ڊالر 4 روپيا 83 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 268 روپيا 50 پئسن جو ٿي ويو، گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽربينڪ ۾ ڊالر 273 روپيا 33 پئسن تي بند ٿيو هو

هلندڙ هفتي انٽربينڪ ۾ ڊالر 8 روپيا 7 پئسا سستو ٿيو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 روپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 274 روپين جو ٿي ويو، گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي اوپن مارڪيٽ ۾  ڊالر 279 روپين جو ٿي ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔