نائين کان ٻارهين درجي جي شاگردن کان امتحاني فيس نه وٺڻ جو حڪم

سکر :نائين کان ٻارهين جماعت جي شاگردن کان امتحاني فيس نه وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو، سنڌهاءِڪورٽ بئنچ سکر پاران نائين کان ٻارهين جماعت تائين پڙهندڙ شاگردن کان فيس نه وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سنڌهاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ استادن جي تنظيم طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي

عدالت جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ پڙهندڙ  نائين کان ٻارهين جماعت جي شاگردن  کان فيس نه ورتي وڃي، جن اميدوارن کان امتحاني فيس وصول ڪئي وئي آهي انهن کي واپس ڪئي وڃي

درخواست ۾ چيو ويو ته  امتحاني فارم جمع ڪرائڻ وقت سرٽيفڪيٽ، اسپورٽس ۽ اسڪائوٽ جي مد ۾ 2700  رپيا فيس ورتي پئي وڃي

عدالت جو چوڻ هو ته استاد مسئلن تي عدالت سان رابطو ڪن ٿا پر تعليم جي بهتري لاءِ استادن جون  تنظيمون عدالت ناهن آيون، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌ جي 80سيڪڙو آبادي غربت واري زندگي گهاري رهي آهي

جڏهن ته عدالت درخواست تي ٻڌڻي  22فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔