اداڪاره حرا ماني تي شوٽنگ دوران حملو: 5 زخمي: 6 گرفتار

ڪراچي : ڪراچي ۾ خانگي ٽي وي چينل جي ٽيم تي ڊرامي جي شوٽنگ دوران حملو، تشدد، پوليس ڪيس داخل ڪري 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ڊراما ڊائريڪٽر نبيل قريشي جو چوڻ هو ته اداڪارا حرا ماني ۽ ٻيو اسٽاف  شوٽنگ تي هو ته اوچتو علائقي جي رهواسين عملي سان بدتميزي ڪئي، ھٿياربندن اداڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ، اهي موبائل فون ۽ ٻيو سامان به ڦر ڪري ويا، هوڏانهن پروڊيوسر علي حسين جي درخواست تي جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس 6 ڄڻن محمد علي، قادر، اويس، رحمت، مزمل ۽ ڪورب کي گرفاتر ڪري ورتو،  ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسان هڪ گهر ڪرائي تي ورتو هو،  شوٽنگ دوران 30، 40 ڄڻن گهر ۾ داخل ٿي ٽيم تي تشدد ڪيو، جوابدارن جي تشدد سبب زبير، امروز، حمزه شبير سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔