فلپائن ۾ بصر ڪرنسيءَ طور استعمال ٿيڻ لڳو

منيلا: فلپائن جي ريٽيل اسٽور اعلان ڪيو ته هڪ ڏينهن جي لاءِ بصر کي معاوضي طور استعمال ڪيو ويندو. اهڙي طرح ماڻهن وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي هڪ بصر جي بدران ڏنيون ويندڙ شيون خريد ڪيون. ان جو سبب اهو آهي ته فلپائن ۾ بصرن جي شديد کوٽ آهي ۽ هڪ ڪلو بصرن جي قميت 2000 رپين کان به وڌيڪ آهي. پر فلپائن ۾ “جاپان هوم سينٽر” جي هڪ شاخ اعلان ڪيو آهي ته ان کي هر قسم جو بصر قبول آهي جنهن کي ڪرنسي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. هڪ بصر جي بدران ڪراهڪ مقرر ڪيل 3 شين مان ڪابه هڪ کڻي سگهي ٿو. پوءِ جمع ڪيل بصر انهن غريب ماڻهن کي ڏنا ويندا جيڪي بصر خريد ڪرڻ جي حيثيت نٿا رکن، ڇوته فلپائن جي ڪيترن ئي عام کاڌن ۾ بصر اهم حيثيت رکي ٿو.  اعلان موجب 4 فيبروري تي اسٽور بصر کي رقم طور استعمال ڪيو ۽ اهڙي آڇ صرف هڪ ڏينهن جي لاءِ هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔