ترڪي ۽ شام ۾ قيامت کان اڳ قيامت: زلزلي سبب فوتين جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو

ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو، ڊبليو ايڇ او طرفان فوتين جو انگ 20 هزار تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي

يونيسڪو جو چوڻ آهي ته ترڪي جي علائقي دياربڪر ۽ شام جي علائقي حلب ۾ تاريخي عمارتن کي به شديد نقصان پهتو آهي

 زلزلي سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ٽيمن طرفان ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن،  پاڪستان پاران به اماڻيل امدادي سامان جون وڌيڪ کيپون ترڪيه ۽ شام پهچي ويون

پاڪ فوج پاران به ترڪي ۽ شام لاءِ امدادي سامان جون کيپون اماڻيون ويون، پاڪستان جون امدادي ٽيمون به ترڪي ۽ شام ۾ امدادي ڪارروائين ۾ رڌل آهن

 اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي شام جي زلزلي سٽيلن لاءِ خيمن ۽ ٻئي سامان تي ٻڌل کيپ اماڻي وئي آهي

 اسلام آباد ايئرپورٽ تان خصوصي چارٽرڊ اڏام ذريعي امدادي سامان دمشق اماڻيو ويو، ترڪي ۽ شام ڏانهن وڌيڪ امدادي سامان روڊ رستي به اماڻيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔