سنڌ ۾ ٻوڏ دوران تقريبن 20 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي:يو اين ڊي پي جو ايلچي

ڪراچي: يو اين ڊي پي جي ايلچي نٽ آسٽبي ڪراچي ۾ سنڌ رزيلينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ دوران تقريبن 20 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيو آهي

 نٽ آسٽبي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيتري آبادي متاثر ٿي آهي اها منهنجي ملڪ ناروي جي آباديءَ جي برابر آهي، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ عالمي ادارو سهڪار جاري رکندو

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪانفرنس جو مقصد جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ ڪيل اعلانن کي عملي شڪل ڏيڻ آهي، چيئرمين پي اين ڊي حسن نقوي، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين طرفان به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔