شهيد بينظير قتل ڪيس جي جوابدارن جي سزا وڌائڻ بابت آصف زرداري جي اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

لاهور: شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن جي سزا وڌائڻ بابت آصف زرداري جي اپيل جي ٻڌڻيءَ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ سڀاڻي آصف زرداري جي اپيل تي ٻڌڻي هلائيندي

 شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جوابدارن کي بري ڪرڻ خلاف  وفاقي سرڪار جي اپيل جي ٻڌڻي به سڀاڻي ٿيندي

 جسٽس مرزا وقاص رئوف ۽ جسٽس چوڌري عبدالعزيز تي ٻڌل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، وفاقي سرڪار طرفان  شهيد بينظير قتل ڪيس مان پوليس آفيسر سعود عزيز ۽ خرم شهزاد جي سزا ختم ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔